سنڌي سڌار سوسائٽي لاڙڪاڻو

سنڌي سڌار سوسائٽي لاڙڪاڻو: هن تنظيم جو بنياد ناليواري شاعر حاجي محمود خادم ڪراچيءَ ۾ وڌو.1932ع ڌاري ڪراچيءَ جي هندو سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي سهڪار سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ حيدرآباد ۾ حاجي محمود خادم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غلام احمد ميمڻ نظامي ۽ شيخ عبد الله ’عبد‘ به شريڪ هئا. هن ادبي اداري تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو تجويز ڪيل نالو ’سنڌي سڌار سوسائٽي‘ رکيو ويو، جڏهن حاجي محمود خادم جي 1939ع ڌاري ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي بدلي ٿي، تڏهن هن تنظيم جو بنياد لاڙڪاڻي ۾ وڌو. سڄي سنڌ ۾ هي پهريون سنڌي ادارو هو، جنهن مشاعرن ۾ مصرع طرح ڏيڻ بجاءِ عنوان مقرر ڪرڻ جو رواج وڌو. هن سوسائٽيءَ شروع ۾ هڪ ’ڪسوٽي ڪميٽي‘ پڻ قائم ڪئي، جنهن جو ڪم سنڌي مشاعرا ڪوٺائڻ ۽ ان جي پيش ٿيل شعرن کي علم عروض جي تارازيءَ ۾ تورڻ ۽ ٻوليءَ جي اصولي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ هو. سنڌي ادب ۽ شعر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هن اداري 1941ع ۾ هڪ ادبي رسالو ’اديب سنڌ‘ لاڙڪاڻي مان جاري ڪيو، جنهن جو مرتب ۽ هلائيندڙ حاجي محمود خادم هو، جڏهن ته ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ماستر جمع خان ’غريب‘، عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي، غلام محمد نظامي ۽ رئيس ضياءُ الدين ’بلبل‘ شامل هئا. هيءُ رسالو 1952ع تائين جاري رهيو.گھڻي عرصي تائين هن رسالي ۾ ’بزم مشاعره‘ لاڙڪاڻي جي مشاعرن جو احوال ۽ شاعرن جا موڪليل شعر پڻ شايع ٿيندا رهيا. هن تنظيم ڪيترائي مشاعرا ۽ ٻيا ادبي پروگرام منعقد ڪرايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو